رسول بخش درس

رسول بخش درس

رسول بخش درس

رسول بخش درس: مشھورڪھاڻيڪار ۽ نثر نويس رسول بخش درس، 10 جون 1953ع تي جهمپير، ضلعي ٺٽي ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ جهمپير مان، انٽر ڊگري ڪاليج ٺٽي مان ۽ بي. اي جي ڊگري سچل سرمست آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان حاصل ڪئي، بعد ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ٻي پوزيشن سان، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان پاس ڪئي. ھن عملي زندگيءَ جو آغاز پرائمري استاد طور نومبر 1973ع کان ڪيو. ملازمت دوران 1980ع کان 1991ع تائين لرننگ ڪوآرڊينيٽر ۽ سپروائيزر بھ رھيو. 1992ع کان 2002ع تائين ھاءِ اسڪول جهمپير ۾ استاد ۽ 2002ع کان سنڌيءَ جو مضمون اسپيشلسٽ طور پڙھايائين. ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ سندس پھرين ڪھاڻي 1977ع ڌاري ماھوار رسالي ’تحريڪ‘ ۾ ڇپي، ان بعد سندس لاتعداد ڪھاڻيون ۽ ادبي مضمون ڇپيا. ان کان سواءِ سندس ڪيترين ڪھاڻين کي ڊرامائي تشڪيل ڏئي سنڌي چئنلن تان سولو پليز طور نشر ڪيو ويو.رسول بخش درس'> رسول بخش درس، عبدالعزيز ’اثر‘ سولنگيءَ سان گڏجي ’سرسوتي‘ نالي رسالي جا ڪجهه پرچا پڻ جاري ڪيا. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ’سُھائيءَ جي سوڀ‘ (1980ع) ۽ ٻيو مجموعو ’ساٿ جي موسم‘ (2005ع) ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آھن. خاڪا نويسيءَ ۾ منفرد حيثيت رکندڙ رسول بخش درس جو ’سنڌ ھيرن کاڻ‘ نالي سان خاڪن جو پھريون مجموعو 2005ع ۾ ڇپيو، ساڳئي نالي سان ٻيا جلد بھ ڇپجي چُڪا آھن. موسيقيءَ جي وڏي ڄاڻو طور کيس موسيقيءَ سان وڏي دلچسپي ھئس. جهمپير ۾ ادبي محفلون ۽ ڪچھريون رچائڻ ۽ ھر آيل مھمان جو دلي آڌر ڪرڻ سندس مشغلو رھيو. پاڻ آخر تائين فڪِر جي.ايم سيد سان لاڳاپيل رھيو. سنڌ جي ھن مثالي انسان 29 ڊسمبر 2020ع تي، ڪراچيءَ جي ھڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪئي. 30 ڊسمبر 2020ع تي، ھزارين ماڻهن حسين شاھھ قبرستان جهمپير ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.06.10  عيسوي

مشھورڪھاڻيڪار ۽ نثر نويس رسول بخش درس، 10 جون 1953ع تي جهمپير، ضلعي ٺٽي ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ پيدا ٿيو.


2020.12.29  عيسوي

رسول بخش درس 29 ڊسمبر 2020ع تي، ڪراچيءَ جي ھڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪئي. 30 ڊسمبر 2020ع تي، ھزارين ماڻهن حسين شاھھ قبرستان جهمپير ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گل محمد چنا
پلي معمور يوسفاڻي
رشيد آخوند
پنڊت ڪشنچند جيٽلي
قاضي خادم حسين
رسول ميمڻ
شمس الدين شمسي
چغتائي عصمت
زيب ڀٽي
سليمان شيخ ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون